تحفھ غلام قلمي

تحفھ غلام قلمي

تحفھ غلام قلمي

تحفھ غلام (قلمي): هي قلمي مثنوي فارسيءَ جي شاعر غلام محمد جي چيل آهي. مثنويءَ ۾ حمد باري تعاليٰ، نعت رسول مقبول
صلي الله عليه وسلم، حضرات چوڏهن معصومن جا منقبت ۽ ٻين ولين ۽ بزرگن جي شان ۾ قصيدا چيل آهن. هي بياض 1310هه/1892ع ۾ لکجي مڪمل ٿيو. بياض جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
’الهيٰ از ره اکرام و احسان
عطا کردي بما اسلام و ايمان
دلم را از شريعت شوق داري
بجانم از طريقت ذوق داري‘
اختتام هيئن ٿئي ٿو:
’دگر زياده ازين احسان سازي
بود شايانت گر شادان سازي
بعون عنات حق تعاليٰ شانھ به تماميت رسيده 1310هه‘
26 صفحن تي مشتمل هن مثنويءَ جو ڪاتب مصنف پاڻ آهي ۽ اها خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هي مثنوي سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو